اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هد??يت ڪئي آهي ته ملڪ ۾ سياحت جي فروغ لاءِ ايندڙ ڇهن هفتن ۾ ويزن ماسٽر پلان جوڙڻ جو عم?? مڪمل ڪيو وڃي ۽ ايندڙ مهينن ۾ اترين علائقن ۾ سياحن جي اچڻ جي حوالي سان انهن جي سهولتن لاءِ اڳواٽ منصوبابندي ۽ انتظام ڪيا وڃن. اهي هد??يتون هن ملڪ ۾ ماحول دوست سياحت جي فروغ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون.