ڊيووس – 21 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊ??نلڊ ٽ??مپ ڪشمير معاملي تي هڪ دفعو ٻيهر ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪندي چيو آهي ته اسان جي ڪشمير معاملي تي گهري نظر آهي، آمريڪا ڪشمير جي حوالي سان ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، پاڪستان ۽ آمريڪا جيترا اڄ ويجها آهن ان کان اڳ ۾ ڪڏهن به ناهن رهيا. اهڙن خيالن جو اظهار آمريڪي صدر ڊ??نلڊ ٽ??مپ وزيراعظم عمران خان سان عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي وفدن جي سطح تي ملاقات دوران ڪ??و. وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪي صدر ڊ??نلڊ ٽ??مپ صحافين سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪئي.