اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 11 کان 12 جنوري تائين پاڪستان جي ميزباني ۾ ??مسلم ڪميونٽيز ۾ ڇوڪرين جي تعليم: چئلينجز ۽ موقعا“ جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس جي تياري ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئ??مي?? راڻا مشهود احمد خان، پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽري، اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري، سي ڊي اي چيئ??مي??، پرڏيهي وزارت ۽ وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي ڪانفرنس جي تيارين جو جائزو ورتو جنهن ۾ هڪ ٺوس ايجنڊا پيش ڪئي ويندي جنهن ۾ ڇوڪرين جي تعليم ۾ ايندڙ رڪاوٽن، ڇوڪرين جي تعليم جي سماجي ۽ معاشي فائدن ۽ تعليمي برابري کي اڳ??ي وڌائڻ جي لاءِ جديد ??ريقي تي ڳالهه ٻولهه پڻ شامل آهي.