اسلام آباد- 25 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته قائداعظم محمدعلي جناح پنهنجي اعليٰ ڪردار، مست??ل مزاجي ۽ جدوجهد سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري ڌار ملڪ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ۽ ننڍي کنڊ پا??- هند جي مسلمانن لاءِ ٻه قومي ??ظريي جي بنياد تي پا??ستان جي قيام کي عمل شڪل بخشي. سينيٽ سيڪريٽريٽ ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق سينيٽ چيئرمين، قائداعظم محمدعلي جناح جي جنم ڏڻ جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو ته قائداعظم عظيم ليڊر ۽ وڏو ذهن رکندڙ هو، قائداعظم محمدعلي جناح اعليٰ ڪردار، مست??ل مزاجي ۽ جدوجهد سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري ڌار ملڪ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ۽ ننڍي کنڊ پا??- هند جي مسلمانن لاءِ ٻه قومي ??ظريي جي بنياد تي پا??ستان جي قيام کي عمل شڪل ڏني. پا??ستان جو قيام قائداعظم جي اڻٿڪ ڪاوشن جو نتيجو آهي. هن چيو ته پوري قوم پا??ستان جي باني جي خدمتن کي خراجِ عقيدت پيش ڪري ٿي ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين احسانمند رهندي. قوم جي باني جي ڏور رس ۽ سياسي بصيرت قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط جهڙا رهنما اصول واضح ڪيا، سينيٽ چيئرمين چيو ته پا??ستان جي باني جي تعليمات ۽ سندس فرمانن جي اهميت موجوده دؤر جي مسئلن کي آڏو رکندي وڏي اهميت اختيار ڪري ويا آهن پر مسئلن جو وڏو ڪارڻ اسان سندن تعليمات وِساري ڇڏي جنهن جي نشاندهي قائداعظم ڪئي هئي، اڄ اسان کي جيڪي ڏُکيائيون درپيش آهن انهن تي ضابطوآڻڻ لاءِ واحد رستو قانون ۽ آئين تي جيئن جو تيئن عمل ڪرڻ آهي، اسان کي پا??ستان جي باني جي رهنما اصولن تي عمل ڪندي پنهنجي مستقبل کي روشن بڻائڻ لاءِ هر قسم جي اختلافن کي پوئتي رکي امن، ترقي پسنداڻي ?? جمهوري روين کي هٿي وٺرائڻي پوندي. هن دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان سڀني کي قائداعظم جي نقشِ قدم تي هلڻ ۽ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ.