اسلام آباد- 24 ڊسمبر (اي پي پي) قانو?? ۽ ??نصاف واري ??فاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان پاڪستان ۾ جمهوريه ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو ملاقات ڪئي. قانون واري ??زير نئين مقرر ٿيل ترڪيه جي سفير جي آجيان ڪئي. قانو?? ۽ ??نصاف واري ??زارت طرفان جاري بيان موجب قانون واري ??فاقي وزير چيو ته پاڪستا?? ۽ ??رڪيه وچ ۾ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ ترڪيه سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي، پُراڻن ۽ ڀائراڻن ناتن جو ذڪر ڪندي وفاقي وزير مختلف شعبن ۾ سهڪار جو يقين ڏياريو. ملاقات ۾ ڊجيٽلائيزيشن، ججن جي تربيت ۽ جيلن بابت سڌارن تي تعاون جو ورجاءُ ڪيو ويو. قانون واري ??زير چيو ته ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ ترڪيه جهڙيءَ طرح ترقي ڪئي آهي پاڪستان ان مان سِکي سگهي ٿو. ٻنهي ڌُرين ڪيس مئنيجمينٽ سسٽم ۽ جيل مئنيجمينٽ سسٽم جي شعبن ۾ سهڪار تي اتفاق ڪيو. ترڪيه جي سفير شاندار آجيان تي قانون واري ??زير جو ٿورو مڃيو.