اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي ته سمورن مذهب?? جي مذهبي ماڳ?? جي حفاظت اسان جو فرض آهي، اقليتون هتي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ آباد آهن نه صرف هندن پر ٻين مذهب?? جي مقدس ماڳ?? جي سارسنڀال ۽ انه?? جي واڌا ويجه لاءِ ڪم ڪنداسين. اهڙو اظهار هن ڪٽاس راج مندر ۾ ٺاهيل رهائشي بلاڪس جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چڪوال ۾ ڪٽاس راج مندر ۾ هندو ياتري?? جي رهائشي بلاڪ جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته مذهبي سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا ويندا، سمورن مذهب?? جي مذهبي ماڳ?? جي حفاظت اسان جو فرض آهي. هن چيو ته اقليتون هتي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ آباد آهن، نه صرف هندن پر ٻين مذهب?? جي مقدس ماڳ?? جي به سارسنڀال لاءِ ڪم ڪنداسين. عالمي فورم تي انڊيا ۾ مسلمانن تي ظلم خلاف آواز اُٿارينداسين. هن چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتون اسان جا پنهنجا ماڻهو آهن، اسان دنيا کي اقليتي برادريءَ جي حوالي سان سٺو پيغام ڏينداسين. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ حج خرچ بنگلاديش، ڀارت ۽ ٻين ملڪ?? جي ڀيٽ ۾ گهٽ وصول ڪيا وڃن ٿا. هن چيو ته اسان حج پيڪيج کي مهانگو نه ٿيڻ ڏنو، ڪٽاس راج چڪوال ۾ ٻن وڏن ڪارخانن سبب روڊ رستا زبون حاليءَ جو شڪار آهن، فيڪٽري مالڪن کي پابند ڪنداسين ته اهي روڊ?? جي مرمت ڪرائين. چوڌري سالڪ حسين چيو ته ڪوشش ڪنداسين ته وڌ کان وڌ ياترين کي ويزائون ملن، پرڏيهي وزارت ??ي به چونداسين ته ويزائون جاري ڪرڻ ۾ رڪاوٽون دُور ڪري.