اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) چيئر مين محسن نقوي قذافي اسٽيڊيم ۾ ج??ري نئين تعميراتي ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ اوچتو دورو ڪيو، 53 ڏينهن ۾ اسٽيڊيم جو مجموعي طور تي 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪيو ويو جنهن ۾ مين بلڊنگ جو اسٽرڪچر 100 سيڪڙو، پويلين 90 سيڪڙو جڏهن ت?? انڪلوزرز جو تعميراتي ڪم 75 سيڪ??و مڪمل ٿي چڪو آهي. محسن نقوي کي ٻڌايو ويو ته تماشائين جي سيٽن لاءِ اسٽرڪچر جي تعمير ۽ خندقن جو ڪم آخري مرحلي ۾ آهي. پي سي بي چيئرمين پويلين فلورز تي ڪيل ج??ري ڪم جو جائزو ورتو ۽ خندقن جي ٻنهي پاسي گرل لڳائڻ جي هدايت ڪئي. هن قذافي اسٽيڊيم جي نئين سر تعمير جي ڪم تي ٿيندڙ اڳڀرا??ي تي اطمينان جو اظهار ڪيو . محسن نقوي جو چوڻ هو ته 10 آڪٽوبر تي قذافي اسٽيڊيم جي نئين سر تعمير جي ڪم جي باقاعده شروعات ڪئي وئي هئي الحمد الله 53ڏينهن ۾ ا??تها??ي تيز ۽ اعليٰ معيار سان ڪم ڪيو ويو ۽ ڏينهن رات ڪم ج??ري آهي.