اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ڪارپوريشن (اي پي پي سي) ۾ غيرقانوني ڀرتي اسڪينڊل تي ڪريڪ ڊائون دوران ??رڪزي جوابدار ارشد چوڌري سميت 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل جي ڊائريڪٽر شهزاد بخاري ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد افضل خان ??يازي جي نگراني ۾ مختلف ذريعن کان ??لندڙ شڪايتن تي اسڪينڊل جي جاچ جي شروعات ڪئي ??ئي. جاچ ۾ بدعنواني ۽ دوکيبازي جو هڪ پيچيده ڄار بي نقاب ٿيو ??نهن ۾ مئنيجر اڪائونٽس ارشد مجيد چوڌري ان اسڪينڊل جي مرڪزي ڪردار جي طور تي سامهون آيو. سب انسپيڪٽر احتشام گوندل غيرقانوني ڀرتين جي اسڪينڊل ۾ ملوث ڪيترن ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ??ن ۾ تيمور ار??د، فواد احمد خان، سعد يوسف ۽ قيصر جاويد شامل آهن جڏهن ته اسڪينڊل جي مرڪزي جوابدار مئنيجر اڪائونٽس ارشد مجيد چوڌري کي پڻ حراست ۾ ورتو ويو. گرفتاريون ان ??قت عمل ۾ آيون جڏهن خصوصي جج سينٽرل اسلام آباد گرفتاري کان اڳ ضمانت رد ڪري ڇڏي جنهن کانپوءِ ايف آءِ اي اسڪينڊل ۾ ملوث ماڻهن کي پڪڙڻ جي لاءِ ڪارروائي ڪئي. ايف آءِ اي ذريعن موجب جوابدار مبينا طور تي وڏي پئماني تي ڀرتي اسڪينڊل ۾ ملوث هئا جنهن ۾ انهن فنڊز جو غبن ڪيو ۽ ڀرتي جي عمل ۾ بي ضابطگيون ڪيون. ان اسڪينڊل جي ڪري اي پي پي سي ۽ قومي خزاني کي وڏو مالي نقصان ??هتو ۽ ڀرتي جي عمل جي شفافيت تي سوال اٿيا. ايف آءِ اي ڪيترن ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ??هي جن ۾ ارشد مجيد چوڌري شامل آهي ۽ ان اسڪينڊ جي مڪمل حد تائين جاچ جي لاءِ وڌيڪ جاچ جاري آهي. ادارو غبن ٿيل فنڊز جي وصولي جي لاءِ قدم کڻي رهيو ??هي ۽ جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل اسلام آباد بدعنواني جي خاتمي ۽ سمورن شعبن ۾ شفافيت ۽ احتساب کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ادارو شهرين کي اپيل ڪري ٿو ته اهي بدعنواني يا ڪنهن به قسم جي بي ضابطگي جي اطلاع ڏين ۽ يقين ڏياريون ٿا ته سمورين شڪايتن جي مڪمل جاچ ڪئي ??يندي ۽ ان تي عمل ڪيو ويندو.