اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر سردار اياز صادق روسي هم منصب جي خاص دعوت تي پارلياماني وفد سان گڏ ٽن ڏينهن جي د??ري تي روس روانو ٿي ويو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب پارلياماني وفد ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر عبدالقادر پٽيل، سيد آغا رفيع الله، ڊاڪٽر محمد فاروق ستار، راڻا محمد حيات خان ۽ شير علي ارباب شامل آهن. دؤري جو مقصد پاڪ- روس ناتن کي مض??وط بنائڻ لاءِ پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ آهي. اسپيڪر پنهنجي د??ري دوران روسي هم منصب، نائب پرڏيهي وزير، پرڏيهي وزير سميت ٻين اهم شخصيتن سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪندو. ملاقاتن ۾ ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ بابت يادداشتن تي صحيحون ٿينديون. ملاقاتن ۾ پاڪ- روس ٻه طرفن ناتن، واپار ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائ?? تي به غور ڪيو ويندو. ملاقاتن ۾ پارلياماني سطح تي رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏي?? تي ڳال??ه ٻولهه ڪئي ويندي. اسپيڪر جي سربراهي ۾ پارلياماني وفد جو دؤرو ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. وفد جي د??ري سان پاڪ- روس ناتن ۾ گڏيل اعتماد ۽ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ هٿي ملندي. پاڪستاني وفد روس ۾ قيام دوران مختلف تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن جو به دؤرو ڪندو. پارلياماني وفد جي د??ري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفه ناتا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ مدد ملندي. پاڪ- روس ناتا علائقائي ۽ عالمي سطح تي ا??تهائي ا??ميت جي حامل سمجهيا وڃن ٿا.