اسلا?? آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامت?? ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چي?? ته اسان هلندڙ هفتي ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، اهڙي ۾ اسان ڪشميري ٻارن جي خراب حالت کي نه وسارينداسين جيڪي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ظلمن جي نتيجي ۾ خوف ۽ هراس جي ماحول ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. هن چي?? ته هڪ اهڙي علائقي ۾ رهندي جتي لکن جي انگ ۾ فوجي دستا مقرر هجن، ڪشميري ٻارن کي درپيش صد??ا تمام گهڻا آهن، جيڪي انهن جي نفسياتي ۽ ذهني صحت تي اڻمٽ نشان ڇڏي رهيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چي?? ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت?? ڪاررواين جي نتيجي ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ٻار يتيم ٿي چڪا آهن، انهن جي خراب حالت عالمي ڌيان جي مستحق آهي. هن چي?? ته اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها ڪشميري ٻارن جي حقن جي لاءِ آواز اٿاري ۽ انهن جي مصيبتن جي خاتمي جو مطالبو ڪري.