اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ اب??ظه??ي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ ڪالهه جمعي ڏينهن ريلوي، ڪسٽمز، ايئرپورٽ ??نفراسٽرڪچر ۽ سامونڊي معاملا شپنگ سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جي لاءِ مفاهمت جي 4 يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. وزيراعظم هائوس ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن جي لاءِ پروقار تقريب ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايم او يوز تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، دفاع ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير قيصر احمد شيخ، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي جڏهن ته گڏيل عرب امارات جو پرڏيهي ۽ واپار وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر ثاني بن احمد الزويدي، ڪاهلي گروپ جو چيئرمين احمد دلموڪ المڪتوم، مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ گروپ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر اب??ظه??ي پورٽس گروپ ڪيپٽن محمد الشميسي، پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جو سفير عبيد ابراهيم سالم الزابي ۽ اب??ظه??ي پورٽس جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. ڪوهاٽ – ٿر – کرلاچي ريلوي لائين جي تعمير جي لاءِ پاڪستان ريلويز ۽ اب??ظه??ي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون جنهن تي پاڪستان پاران پاڪستان ريلويز جي سي اي او عامر علي بلوچ جڏهن ته مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ گروپ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر اب??ظه??ي پورٽس گروپ ڪيپٽن محمد الشميسي صحيحون ڪيون. پاڪستان ڪسٽمز جي اوڳاڙين ۾ اضافي، ٽرانزٽ ڪارگو جي ٽريڪنگ ۽ ٻين سڌارن جي لاءِ ايف بي آر ۽ اب??ظه??ي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي پاڪستان پاران ميمبر ڪسٽمز اينڊ آپريشنز محمد جنيد جليل خان جڏهن ته اب??ظه??ي پورٽس گروپ پاران ڪيپٽن محمد الشميسي صحيحون ڪيون. شپنگ، ڊريجنگ ۽ ٻين سامونڊي معاملن ۾ تعاون تي پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ اب??ظه??ي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي پاڪستان پاران ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن خرم مرزا جڏهن ته اب??ظه??ي پورٽس ڪمپني پاران ڪيپٽن محمد الشميسي صحيحون ڪيون. پاڪستان ۾ ايئرپورٽس جي تعمير ۽ توسيع جي لاءِ پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي ۽ اب??ظه??ي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت پاڪستان پاران ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان ايئرپورٽ ??ٿارٽي صادق الرحمان جڏهن ته اب??ظه??ي پورٽس ڪمپني پاران ڪيپٽن محمد الشميسي صحيحون ڪيون. بعد ۾ پاڪستان ۽ اب??ظه??ي ڪمپني جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت جي يادداشتن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي.