اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سرينگر ھاءِ وي تي رينجرز ۽ پوليس ??ي اھلڪارن سان پيش آيل اڻوڻندڙ واقعي جي مذمت ڪندي چيو آھي ته شھيد جوانن پنھنجا فرض نڀائيندي ملڪ لاءِ پنهنجين حياتين جو نذرانو ڏنو. پنھنجي پيغام ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق واقعي ۾ رينجرز ۽ پوليس ??ھلڪارن جي جاني نقصان تي گھري ڏک جو اظھار ڪيو ۽ سندن وارثن سان دلي تعزيت ۽ ھمدردي جو اظھار ڪيو. ھن چيو ته شھيدن جي وارثن جي غم ۾ ??را??ر جو شريڪ آھيان. ھن چيو ته رينجرز ۽ پوليس ??ي شھيد اھلڪارن جي پيشيوارڻين خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيان ٿو. ھن چيو ته رينجرز ۽ پوليس ??ي شهيد اھلڪارن جي قرباني کي ھميشه ياد رکيو ويندو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پوليس ۽ رينجرز جي زخمي ٿيل اھلڪارن کي بھترين طبي سھو??تو?? فراھم ڪرڻ جي ھدايت ڏني آھي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر رينجرز ۽ پوليس ??ي شھيد ٿيل اھلڪارن جي درجن جي بلندي ۽ گھرڀاتين لاءِ ص??ر جي دعا پڻ ڪئي.