اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پوسٽ تربيلا ڊيم جي تعمير کي 50 سال مڪمل ٿيڻ تي 50 روپين جي ماليت جي يادگار ٽڪيٽ جاري ڪئي آهي. يادگار ٽپال ٽِڪلي جي افتت??ح واري تقريب واپڊا ھائوس ۾ منعقد ڪئي وئي جنھن جو خاص مھمان واپڊا چيئرمين انجينئر ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني ھو. پاڪستان پوسٽ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل (آپريشن) رضو??ن جاويد ھاشمي يادگار ٽپال ٽِڪلي جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ??طا?? ڪندي هن يادگار ٽپال ٽِڪلي جاري ڪرڻ تي پاڪستان پوسٽ جا ٿورا مڃيا. ھن چيو ته تربيلا ڊيم پاڪست??ن جي انجينئرنگ جي صلاحيتن ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي عزم جو سٺو ثبوت آھي. يادگار ٽپال ٽِڪلي ان شاندار منصوبي لاءِ ھڪ مناسب خراج ت??سي?? آھي. اھا ڳالھه اھم آھي ته تربيلا ڊيم جي??و 1974ع ۾ مڪمل ٿيو ھو 50 سالن کان پاڪستان ۾ معاشي ترقي ۽ سماجي ترقي لاءِ اھم ڪردار ادا ڪري رھيو آھي.