اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۽ علائقائي رابطن ۽ سلام??ي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته زراعت ۽ واپار جي گڏيل ورڪنگ گروپس جو اجلاس جلد گهرايو وڃي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف سان شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) اجلاس جي موقعي ??ي جمهوريه قزاخستان جي وز??را??ظم اولزاس بيڪ تينوف ملاقات ڪئي. شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ اجلاس ۾ قزاخستان جي شرڪت جي آجيان ڪندي وز??را??ظم شنگهائي تعاون تنظيم جي اصولن ۽ مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ تنظيم جي سمورن ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
ان سلسلي ۾ وز??را??ظم هن سال جولاءِ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن جي اجلاس جي لاءِ آستانه جي دوري جو ذڪر ڪيو ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪن جي وچ ۾ تعاون ??ي مضبوط بڻائڻ ۾ قزاخستان جي تعاون ۽ ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ٻطرفن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وز??را??ظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۽ علائقائي رابطن ۽ سلام??ي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وز??را??ظم ٻطرفي حصيداري جي اداراجاتي مڪينزم جي ذريعي باقاعده ۽ اعليٰ سطح جي رابطن کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وز??را??ظم زراعت ۽ واپار جي گڏيل روڪنگ گروپس جو اجلاس جلد گهرائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. قزاخستان جي وز??را??ظم پاڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي وز??را??ظم کي مبارڪباد ڏني ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه جي طور تي پاڪستان جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. هن علائقائي رابطن، واپار ۽ ترقي کي وڌائڻ جي لاءِ قزاخستان جي بطور شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ۽ ٻطرفي طور تي پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چ??و ته قزاخستان پاڪستان کي ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ وڏي واپاري حصيدار جي طور تي ڏسي ٿو. ٻنهي ڌرين مستقبل ۾ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.