اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وير احسن اقبال چيو آهي، ته گوادر ايئرپورٽ ۽ سي پيڪ ٽو سان پاڪستان لاءِ خوشحالي جون نيون راهون کلند??ون. گذريل ڏينهن هن نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته اسان چين جي مدد سان سي پيڪ ٽو شروع ڪرڻ وڃي رهيا آه??ون. هن چيو ته چين جي سهڪار سان ويجهي مستقبل ۾ 5 اقتصادي راهداريون به کوليون ويند??ون. هن چيو ته بلوچستان جي ماڻهن لاءِ ڪاروباري سرگرميون وڌائڻ لاءِ گوادر ۾ ڪارگو حب قائم ڪري سگهجي ٿو. علائقائي رابطن لاءِ شنگهائي سهڪار تنظيم جي ڪردار تي تبصرو ??ندي هن چيو ته ريل ۽ روڊ ج?? رابطا وچ ايشيائي رياستن ۽ يورپ سان ڪاروباري لاڳاپن کي مضبوط بڻائيندا. هڪ س??ال جي جواب ۾ هن چيو ته خطي جي ان حصي ۾ اقتصادي سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ گوادر ۽ عمان جي روٽس کي بحال ڪري سگهجي ٿو.