اسلام آباد – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) جون فيلڊ فارميشنز آفيسون 28 ۽ 29 سيپٽمبر (ڇنڇر ۽ آچر) تي کليل رهنديون. فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي سرڪلر مطابق 28، 29 ۽ 30 سيپٽمبر 2024ع تي ڊي??ٽي ۽ ٽيڪسن جي وصولي جي حوا??ي سان سموريون فيلڊ آفيسون ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن به کليل رهنديون ته جيئن ٽيڪسن ۽ ڊي??ٽيز جي بروقت وصولي يقيني بڻائي سگهجي. ان ڏينهن ۾ فيلڊ آفيسن جي ڪم ڪرڻ جو وقت وڌايو ويو آهي، 28 ۽ 29 سيپٽمب?? تي آفيسون رات 10 وڳي تائين جڏهن ته 30 سيپٽمب?? تي اڌرات تائين کليل رهنديون. وصول ڪيل ڊي??ٽيز ۽ ٽيڪسز کي ساڳئي ڏينهن اسٽيٽ بئنڪ جي لاڳاپيل برانچن ۾ منتقلي يقيني بڻائڻ لاءِ چيف ڪليڪٽرز کان اسٽيٽ ۽ نيشنل بئنڪ جي مجاز شاخن سان رابطو قائم ڪرڻ جي هدايت به ڪئي وئي آهي.