اسلام آ??اد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري ??فاقي وزير عطالله تارڙ چيو ??هي?? ته ڪنهن خاص شخص لاءِ قانون سازي جو تاثر غلط ??هي?? تجويز ڪيل قانون سازي وسيع تر عوامي مفاد لاءِ ??هي?? اجتماعي سوچ سان اڳيان وڌي رهيا آهيون. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عوام کي فوري انصاف جي فراهمي لاءِ گهڻي دير کان سڌارن جي ضر??رت محسوس ڪئي پئي وڃي، ان حوالي سان قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته اهو تاثر بلڪل غلط آهي ته ڪنهن خاص شخصيت لاءِ قانونسازي ڪئي پئي وڃي، تجويز ڪيل قانونسازي وسيع تر عوامي مفاد لاءِ آهي. هن چيو ته ڪيسن کي اڪلائڻ ۾ ڪيترائي ڏهاڪا لڳي ويندا آهن، عوام کي سندن چانئٺ تي سستي ۽ فوري انصاف جي فراهمي اسان جي ترجيح آهي. هن چيو ته خصوصي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس جاري آهي ۽ حڪومتي اتحادي گڏجي ويٺا آهن. بلاول ڀٽو زرداري ۽ اسحاق ڊار چارٽر آف ڊيمو ڪريسي جي ڳالهه ڪئي آهي. هن چيو ته اهي معاملا قومي نوعيت جا آهن ۽ انهن سان پوري ??وم کي فائدو پهچڻ گهرجي، ڪيترائي ڀيرا ڪاز لسٽ جاري ??اهي ٿيندي، نوٽيس ناهن ڏنا ويندا ۽ آرڊر جاري ??ي ويندا آهن، ان حوالي سان توازن برقرار رکڻ جو نظام هئڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته ڪابينه جا ميمبر موجود آهن، ترميم سان پوري ??وم جو فائدو ٿيڻ گهرجي، اجتماعي سوچ سان اڳيان وڌي رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته آئيني ترميم لاءِ پراميد ۽ پرعزم آهيون، نمبر گيم جو ڪو ??ه مسئلو نه ٿيندو. مولانا فضل الرحمان اسان جو پراڻو اتحادي ۽ ساٿي ??هي?? سٺيون خبرون اينديون.