اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته صوبائي حڪومتن کي سياست ڪرڻ بدران بجلي صارفين کي ريليف ڏيڻ جي پنجاب حڪومت جي ??ريقيڪار تي عمل ڪرڻ گهرجي، قومي فنانس ڪميشن تحت انهن کي منتقل ٿيندڙ کربين رپين جو هڪ حصو عوام جي ??هولت جي ل??ءِ ڪڍڻ گهرجي. وفاقي ڪابينا جي ??جلاس جي ??دارت ڪندي وزيراعظم چيو ته پنجاب حڪومت پنهنجي ??رقياتي بجيٽ مان 45 ارب رپيا بجلي جي ??نهن صارفين کي ٻن مهينن جي مدي ل??ءِ 14 رپيا في يونٽ ريليف ڏيڻ جي ل??ءِ خرچ ڪيا آهن جيڪي 200 کان 500 يونٽ بجلي استعمال ڪري رهيا آهن، اهو عوام جو حق آهي، وفاقي حڪومت جو ان ريليف پئڪيج ۾ ڪو حصو نه آهي?? ٻين صوبن کي به ائين ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن خيبرپختونخواهه حڪومت عوام کي اهڙو ريليف ڏيڻ چاهي ٿي ته ا??ان کي خوشي ٿيندي، سياست کان پاسو ۽ حقيقتن کي مسخ نه ڪرڻ گهرجي. خيبرپختونخواهه حڪومت جي نمائندي پاران وفاقي حڪومت پاران ڪنهن امتيازي سلوڪ جو الزام هڻندڙ تنقيد کي رد ڪندي هن وضاحت ڪئي ته ان جو ان پئڪيج ??ان ڪو تعلق نه آهي. هن ڪابينا ميمبرن کي ٻڌايو ته اين ايف سي جا اٽڪل 60 سيڪڙو فنڊز صوبن کي ڏنا ويا آهن، وفاقي حڪومت کي غيرملڪي امداد ??ان هلندڙ منصوبن تي قرضن ۽ وياج جي ??دائيگي جي ??ورت ۾ بي پناهه چئلينجز کي منهن ڏيڻو پيو. هن اجلاس کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت 200 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين کي ٽن مهينن جو ريليف ڏيڻ جي ل??ءِ 50 ارب رپيا پڻ رکيا آهن جيڪو ڪل گهريلو صارفين جو 86 سيڪڙو بڻجي ٿو. هن چيو ته بلوچستان حڪومت ??ان حصيداري ۾ صوبي ۾ 70 ارب رپين جي لاڳت ??ان 28 هزار ٽيوب ويل شمسي توانائي تي منتقل ڪيا ويندا جنهن مان 55 ارب رپيا وفاقي حڪومت برداشت ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته ان ??ان 28000 آبادگارن کي فائدو پهچندو ۽ گڏوگڏ بجلي چوري جي مسئلي تي پڻ ضابطو آڻي سگهبو. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن جي مشاورت ??ان معيشت جي ??ستحڪام ۽ ملڪي واپار ۽ روانگي واپار کي وڌائڻ جي ل??ءِ ڊگهي مدي واري قدمن تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف کي آگاهه ڪرڻ کانپوءِ اهڙا سمورا قدم کڻندي، پي ٽي آءِ جي معاهدي جي ??لاف ورزي جي ”غيرمعقول“ قدم ملڪ کي ڏيوالي جي ويجهو پهچائي ڇڏيو هو. حڪومت جي معاشي پاليسين جي نتيجن تي روشني وجهندي وزيراعظم شهباز شريف اجلاس کي ٻڌايو ته مهانگائي 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 11.5 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جڏهن ته صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ل??ءِ اڃا وڌيڪ ڪوششن جي ??رورت آهي. هن 13.5 ٽريلين رپين جي ??وينيو هدف کي پور?? ڪرڻ ۽ پاور سيڪٽر جي نقصانن تي ضابطو آڻڻ جي ڪوششن تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم ڪابينا جو ڌيان ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ شديد برساتن ۽ ان جي نتيجي ۾ ايندڙ ٻوڏ سبب ٿيندڙ فوتگين ۽ تباهي طرف ڇڪرايو ۽ صوبن ۽ پي ڊي ايم اي جي ??عاون ??ان نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي ڪوششن کي ساراهيو. ڪابينا برساتن ۽ ٻوڏ جي ڪري مختلف واقعن ۾ فوت ٿيندڙن ۽ دهشتگردي جي مختلف واقعن ۾ پنهنجي ??انين جا نذرانا پيش ڪندڙ جوانن جي ل??ءِ پڻ فاتحه خواني ڪئي.