اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ۽ ان جي لاهور ۽ ڪراچي ۾ قائم رابطا آفيسن ۾ اپاسٽائل دستاويزن جي ليگلائيزيشن جو ”واڪ ان“ عمل سومر 8 جولاءِ تي کلي ويندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اپاسٽائل ليگلائيزيشن جي لاءِ ڪنهن اپوائنمنٽ جي ضرورت ناهي هوندي. اپاسٽائل سرٽيفڪيشن جي لاءِ فيس جو شيڊيول لاڳو هوندو. ذاتي ۽ تعليمي د??تاويزن جي فيس 3 هزار رپيا في د??تاويز مقرر ڪئي وئي آهي. قانوني د??تاويزن جي فيس 4 هزار 5 سئو رپيا في د??تاويز هوندي جڏهن ته وا??ار?? دستاويزن جي فيس 12 هزار رپيا في د??تاويز مقرر ڪئي وئي آهي.