اسلام آباد – 28 – جون (ا?? پي پي) پاڪستان حڪومت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (وچ اوڀر) رضوان سعيد شيخ کي واشنگٽن ۾ پاڪستان جو نئون سفير مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چ??و ته عاصم افتخار کي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو اضا??ي مستقل نمائندو مقرر ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي. عاصم افتخار هن وقت فرانس ۾ پاڪستان جي سفير طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.