اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) صدر آ??ف علي زرداري سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي معاشي ۽ مالي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي ريليف ڏيڻ جي ??والي سان تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وزيراعظم ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي و??ير پروفيسر احسن اقبال پڻ موجود هئا. صدر آ??ف علي زرداري چيو ته بجيٽ ۾ غريب ۽ وچولي طبقن جو خاص خيال رکيو وڃي. صدر ۽ وزيراعظم ايندڙ بجيٽ ۾ ترقياتي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف صدر کي چين جي ??ازي دوري بابت پڻ آگاهه ڪيو. صدر وزيراعظم کي ملڪي ترقي ۽ معاشي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ تعاون جي ??اطري ڪرائي.