ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف سان دبئي ۾ ڪم ڪندڙ آءِ ٽي ڪمپنين جي گڏيل عرب امارات ۽ پاڪستان جي پروفيشنلز ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم شهبا?? شريف ابوظهبي ۾ گڏيل عرب امارات، پاڪستان ٽيڪنالاجي تعاون جي موضوع تي رائونڊ ٽيبل سيشن ۾ شرڪت ڪئي. ان تقريب جو انعقاد پاڪستان سافٽ ويئر هائوسز ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت جي تعاون ۽ ابوظهبي ۾ پاڪست??ني سفارتخ??ني جي معاونت سان ڪيو ويو هو. ان تقريب ۾ يو اي اي ۾ قائم آءِ ٽي ڪمپنين جي سربراهن ۽ نمائندن کانسواءِ پاڪست??ني آءِ ٽي ماهرن پڻ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ??فاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ وزيراعظم جي خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ڀائراڻن ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل لاڳاپن جو حوالو ڏنو. هن پاڪستان ۽ يو اي اي جي وچ ۾ مضبوط اداراجاتي ۽ عوامي سطح جي لاڳاپن جو پڻ ذڪر ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻئي ملڪ جدت ۽ خوشحالي جي لاءِ هڪ جهڙو عزم رکندڙ آهن. وزيراعظم ان موقعي تي پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي آءِ ٽي ڪمپنين ۽ پروفيشنلز کي آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ وڌيڪ موقعا ڳولڻ جي لاءِ انهن جي خدمتن کي ساراهيو. وزيراعظم پاڪست??ني آءِ ٽي انٽرپرائيزز ۽ گڏيل عرب امارات جي ڪمپنين جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اهو رائونڊ ٽيبل ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن جي شعبي ۾ وڌيڪ تعاون جي لاءِ هڪ منفرد سيشن هو. ان سيشن جو بنيادي مقصد گڏيل عرب امارات جي آءِ ٽي ڪمپنين کي پاڪست??ني ڪمپنين سان مضبوط لاڳاپن، ??نهن جي ڪامياب ڪهاڻين جي اعتراف ۽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد ۾ بزنس ٽو بزنس لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۽ مستقبل جي حصيداري جي لاءِ هڪ جڳهه گڏ ڪرڻ هو. وزيراعظم شرڪت ڪندڙن سان خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي ۽ مختلف تجويزن ۽ سوالن جا جواب ڏنا. هن ملڪ جي ڊيجيٽل ??عيشت ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ سندس حڪومت جي عزم کان پڻ شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو جڏهن ته سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. وزيراعظم جي موجودگي ۾ پاڪست??ني ۽ گڏيل عرب امارات جي آءِ ٽي ڪمپنين ۾ ڊيجيٽل ??رانسفارميشن تي عملدرآمد جي حوالي سان ٽن مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. ان موقعي تي اماراتي ڪمپنين ۾ ايوارڊ پڻ ورهايا ويا.