تهران – 22 – مئي (اي پ?? پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني مختلف شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني جي وچ ۾ مرحوم ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ سندس ساٿين جي حوالي سان منعقد تعزيتي تقريب دوران ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ??نه?? اڳواڻن مختلف شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.