اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سي??پڪاري بورڊ کي ملڪ ۾ سي??پڪاري ۽ نئين ڪاروبار جي شروعات لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪرڻ جو هدف ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ صوبائي حڪومتن کي اعتماد ۾ وٺي و?? ونڊو آپريشن جي طرز تي هڪ طريقيڪار جوڙيو وڃي، ٻاهرئين سي??پڪاري جي لاءِ دوست ملڪن جي ڪاروباري و??دن جي دورن ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ تيزي، ٻاهرئين ۽ مقامي ڪاروباري ۽ سي??پڪار برادري جي حڪومتي پاليسين تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ سي??پڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين جي لاءِ آساني ۽ فروغ جي لاءِ اعليٰ سطحي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وز??رن ڄام ڪمال خان، محمد اورنگزيب، عبدالعليم خان، احد خان چيما، راڻا تنوير حسين، اعظم نذير تارڙ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ڊاڪٽر جهانزيب خان، قومي اسيمبلي ميمبرن پرويز ملڪ، بلال ا??هر ڪياني، وز??راعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل ا??ليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ چئني صوبن جي چيف سي??ريٽريز ۽ ناليواري ڪاروباري شخصيتن وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ۾سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ڪاروبار ۾ آساني جي لاءِ ون ونڊو آپريشن جي طرز تي جديد ۽ عالمي معيار جي نظام جي جوڙجڪ جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون ويون. وز??راعظم سي??پڪاري بورڊ کي سمورين لاڳاپيل وزارتن، ادارن، ڪاروباري برادري ۽ صوبائي حڪومتن کي اعتماد ۾ وٺي جلد هڪ ٺوس نظام کي حتمي شڪل ڏئي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وز??راعظم چيو ته پوري دنيا ۾ سي??پڪاري اتي وڃي ٿي جتي ڪاروبار ۾ گهٽ ۾ گهٽ رڪاوٽون هجن. گذريل حڪومت جي دور ۾ بطور خادم پاڪستان ملڪ ۾ سي??پڪاري ۽ ڪاروبار جي فروغ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا. خصوصي سي??پڪاري سهولت ڪائونسل پاليسين جي تسلسل ۽ ملڪ جي معاشي بحالي جي هدف کي حاصل ڪرڻ ۾ بهترين معاون جو ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان ۾ ڪاروباري سرگرمين ۽ ٻاهرئين سي??پڪاري جو فروغ اسان جي ٽيم جي محنت جو واضح ثبوت آهي، جنهن تي سمورا لاڳاپيل وز??ر ۽ آفيسر ساراهه جي قابل آهن. هن چيو ته ٻاهرئين سي??پڪاري جي لاءِ دوست ملڪن جي ڪاروباري و??دن جي دورن ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ تيزي، ٻاهرئين ۽ مقامي ڪاروباري ۽ سي??پڪار برادري جي حڪومتي پاليسين تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو. سي??پڪاري بورڊ سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ صوبائي حڪومتن کي اعتماد ۾ وٺي و?? ونڊو آپريشن جي طرز تي هڪ طريقيڪار جوڙي. اهڙو طريقيڪار تجويز ڪيو وڃي جو سي??پڪارن ۽ نئون ڪاروبار شرو?? ڪندڙن کي گهٽ ۾ گهٽ رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پوي. ان حوالي سان عالمي شهرت يافته ماهرن جون خدمتون پڻ ورتيون وڃن. طريقيڪار جوڙڻ وقت ڪاروباري برادري جي نمائندن ۽ صوبائي حڪومت کي به اعتماد ۾ ورتو وڃي.