اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف اڄ اربع ??ينهن ڪراچي جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جو هي ڪراچي جو پهريون دورو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم م??ار قائد تي حاضري ڀريندو. وزيراعظم ڪراچي ۾ ڪاروباري برادري جي ناليوارين شخصيتن ۽ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي وفد سان ملاقات پڻ ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ وزيراعظم ڪاروباري برادري ??ان ملڪي معيشت جي بهتري جي حوالي سان تجويزون وٺندو. دوري ۾ وزيراعظم سان سنڌ جي گورنر ۽ سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقاتون پڻ شامل آهن، جن ۾ وزيراعظم سنڌ صوبي جي مجموعي سياسي صورتحال ?? انتظامي معاملن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.