اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ دوست ملڪن خاص طور تي جي سي سي ملڪن سان مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي معاهدن تي اڳڀرائي جي حوالي سان ج??ئز?? اجلاس ٿيو. وزيرعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي توانائي، لاجسٽڪس، خوراڪ جي تحفظ، پاڻي، معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ پاڪستان جي عالمي معاهدن تي تازي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم سمورين وزارتن کي 5 ڏينهن تائين لاڳاپيل شعبن ۾ عالمي سيڙپڪاري جي صلاحيت رکندڙ ترقياتي منصوبا قائم ڪرڻ جي ل??ءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم سمورين وزارتن کي عالمي سيڙپڪاري جي ل??ءِ قابل عمل منصوبن جي ل??ءِ حڪمت عملي جلد کان جلد خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ مواصلات، سامونڊي معاملن ۽ ريلويز، قانون ۽ انصاف ۽ ماحولياتي تبديلي، ناڻي، توانائي، خوراڪ جي تحف?? وارن نگران وفاقي وزيرن، ڊپٽي چيئرمين منصوبابندي ڪميشن ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.