اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ صحا??ين جي سهولت لاءِ قائم ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن سينٽر مڪمل طور تي فعال آهي. پي آءِ ڊي پاران جاري پڌرائي موجب ميڊيا سينٽر ۾ صحا??ين جي سهولت لاءِ هائي اسپيڊ انٽرنيٽ، جديد ترين ڪمپيوٽرز، ليپ ٽاپس، پرنٽرز، اسڪينرز، ايل ??ي ڊيز ۽ ايس اين ڊيز موجود آهن. ميڊيا سينٽر ۾ صحا??ين جي مدد جي لاءِ پي آءِ ڊي جو تربيت يافته عملو ۽ آفيسر به موجود آهن. ميڊيا سينٽر کي ايس اين ڊيز جي ذريعي اليڪشن ڪميشن جي ”اليڪشن سٽي“ سان به ڳنڍڻ جو انتظام ڪيو ويو آهي. جڏهن ته چونڊن جي ڪوريج دوران صحا??ين جي شڪايتن جي وقت سر ازالي جي لاءِ اطلاعات واري وزارت جي هيلپ لائين ايم او آءِ بي به مڪمل طور تي فعال آهي. صحافي mediahelpline.moib.gov.pk تي شڪايتون داخل ڪرائي سگهن ٿا. شڪايتن جي داخلا لاءِ ٽيليفون هيلپ لائين 0519252287 به فعال ڪئي وئي آهي. ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن خاص طور تي اليڪشن 2024ع جي ڪوريج ڪندڙ مقامي ۽ عالمي صحا??ين جي سهولت لاءِ قائم ڪيو ويو. ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن سينٽر ۾ صحا??ين کي هڪ ڇت جي هيٺ سڀئي ضروري سهولتون، قابل اعتماد م??لومات ۽ لاجسٽڪ سپورٽ به ميسر آهي. اسلام آباد ۽ چئني صوبائي گادي وارن شهرن سميت 7 شهرن ۾ ميڊيا سينٽرز قائم ڪيا ويا آهن. انهن سينٽرز تي 24 ڪلاڪ عملو پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو. چونڊن واري ڏينهن سينٽرز کان پولنگ اسٽيشن ويندڙ صحا??ين جي لاءِ ٽرانسپورٽ جو انتظام به موجود آهي.