اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي ??زير جليل عباس جيلاني سان چين جي نائب پرڏيهي ??زير س?? ويڊونگ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران پرڏيهي ??زير ۽ چيني نائب پرڏيهي ??زير هر آزمائش تي پورو لهندڙ تعاون تي ٻڌل اسٽريٽجڪ حصيداري جو ورجاءُ ڪيو ۽ سي پيڪ ۽ گڏيل اقتصادي ۽ مالي تعاون سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نگران پرڏيهي ??زير پاڪ چين دوستي کي مضبوط بڻائڻ ۾ چين جي نائب پرڏيهي ??زير جي خدمتن کي ساراهيو ۽ سمورن معاملن تي چين پاران پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو. هن سي پيڪ جي مسلسل ترقي تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان جي لاءِ سي پيڪ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل فائدن جي لاءِ سي پيڪ جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکندو. هن پاڪستان ۾ سي پيڪ جي سمورن منصوبن جي لاءِ چين جي تياري ۽ تعا??ن کي پڻ ساراهيو. چين جي نائب پرڏيهي ??زير شاندار ميزباني تي نگران پرڏيهي ??زير جا ٿورا مڃيندي چيو ته آئرن برادرز ۽ قابل اعتماد دوست جي حيثيت سان چين پنهنجي پرڏيهي ??اليسي ۾ پاڪستان کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ سمورن شعبن ۾ وڌيڪ گهري تعاون جو خواهشمند آهي.