واشنگٽن- 30 جنوري (اي پي پي)آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، نيويارڪ ۾ منعقد ٽريول اينڊ ايڊوينچر شو 2024ع دوران ??اڪستان ۾ قدرتي حسن، ثقافت ۽ تاريخ رکندڙ پاڪستان ??ويلين ۾ عالمي برادري کي متاثر ڪيو آهي، ان سان ??ه رڳو صرف سياحت جي صنعت پر ملڪ جو بهترين اميج اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان جي منصوبابندي ۽ ترقي واري وزير راجا ناصر علي خان سان ??اشگنٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ملاقات دوران ڪيو. پاڪستاني سفير گلگت بلتستان جي رٿابندي واري وزير کي ڪامياب شو منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون جيڪو ملڪي سياحت جي صلاحيت ??ي وڌيڪ اجاگر ڪندو. گلگت بلتستان جي رٿابندي واري وزير ملڪي سياحتي صلاحيت ??ي عالمي پليٽ فارم تي ڪاميابي سان اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان ??يويارڪ ۾ پاڪستاني قونصليٽ ۽ واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني طرفان ڀرپور تع??ون تي ٿورو مڃيو. هن پاڪستان جي سياحت ۾ آمريڪي شهرين جي دلچسپي تي ڳالهائيندي چيو ته گلگت بلتستان ايندڙ پرڏيهي سياحن ۾ آمريڪي شهري ٻئي نمبر تي آهن، پاڪستاني سفير گلگت بلتستان ۾ تعليم جي شعبي لاءِ عالمي تع??ون خاص طور تي ڊائينامڪ آرٿر جي ڪردار ۽ خدمتن کي اجاگر ڪيو جنهن گلگت بلتستان جي وادي هنزه جي ڳوٺ مرتضيٰ آباد ۾ سينٽر فار ايجوڪيشن ايڪسيلينس جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستاني سفير تعليم جي شعبي ۾ آمريڪي حڪومت، سول سوسائٽي، سرندي وارن ماڻهن ۽ پاڪستاني ڄ??ون آمريڪي شهرين جي حمايت ??ي ساراهيندي چيو ته تعليم جي شعبي ۾ تع??ون پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جو اهم حصو آهي. هن چيو ته پاڪستاني حڪومت نوجوانن کي آمريڪا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ، کين پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ انهن کي معاشري جو هڪ قيمتي اثاثو بڻائڻ جي حوالي سان آمريڪي تع??ون کي ساراهي ٿي.