اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ۾ 4 کان 6 جنوري تائين سفيرن جي ٽن ڏينهن واري ڪ??نفرنس منعقد ٿي رهي آهي جنهن ۾ علائقائي ن??ائ??دن سان گڏوگڏ اهم گادي وارن شهرن مان پاڪستان جي سفيرن کي گهرايو ويو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪانفرنس جي شروعات نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي افتتاحي خطاب سان ٿيند??. ن??ران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اهم خطاب ڪندو. ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي رخن تي غور فڪر ۽ سفارشن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. سفيرن جي ڪ??نفرنس علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي جي ڏس ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي مختلف رخن تي تفصيلي بحث جي لاءِ گهرائي وڃي ٿي.