اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي غزه ۾ اسرائيل پاران جاري رتوڇاڻ ۽ ڪشمير ۾ ان??اني ح??ن جي خلاف ورزين تي عالمي ضمير تي سواليه نشان لڳائيندي چيو آهي ته دنيا سمورن ان??انن سان هڪ جهڙو سلوڪ نه ڪري سڀ کان وڏي غلطي ڪري رهي آهي، غزه ۾ جهڙي طرح معصوم ٻارن ۽ ماڻهن کي قتل ڪيو پيو وڃي ان جا امن تي دير تائين اثر پوندا ڇو ته مظلومن جي لاءِ اهڙي طرح جي بربريت کي وسارڻ مشڪل هوندو. هو ايوان صدر ۾ ان??اني ح??ن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. خاتون اول بيگم ثمينه علوي، ان??اني حقن واري نگران وفاقي وزير خليل جارج، يو اي ڊي پي جي ڪنٽري هيڊ سيموئيل ريسڪ، ان??اني حقن واري وزارت جي وفاقي سيڪريٽري الهڏنو خواجه، چيئرپرسن نيشنل ڪميشن فار هيومن رائيٽس پاڪستان رابعه آغا کانسواءِ مختلف ملڪن جي سفارتڪارن، آءِ آءِ اين جي اوز جي نمائندن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته پاڪستان هڪ اسرندڙ ملڪ هجڻ جي ناطي ان??اني ح??ن جي حوال?? سان تقرقي ڪري رهيو آهي پر ان??انيت اڃا به طاقتور ملڪن پاران فلسطين ۽ ڪشمير ۾ ان??اني ح??ن جو احترام ڪرڻ جي منتظر آهي جتي هزارين ماڻهن کي قتل ڪيو ويو جن ۾ عورتن ۽ ٻارن جو نمايان انگ آهي. صدر زور ڏنو ته دنيا ۾ اهڙو ماحول هجي جتي جنگين جي ڪا گنجائش نه هجي ۽ ان??ان دوستي زاتي مفادن تي غالب هجي. هن چ??و ته گڏيل قومن کي مهذب جنگين جي بيانيي کي فروغ ڏيڻ بدران دنيا ۾ جنگ نه ٿيڻ جي هدف کي اڳتي وڌائڻ گهرجي. هن چ??و ته ان??ان دوستي کي عالمي معاملن ۾ طاقتور قومن جي خودغرضاڻي جوازن تي ٻڌل جنگين جو سبب بڻجندڙ ذاتي مفادن جي مقابلي ۾ سگهه نه ٿي ملي سگهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته پاڪستان هڪ بهترين قانونساز ملڪ آهي جنهن ۾ ان??اني ح??ن جي حوال?? سان آئين ۽ ان??اني ح??ن جي پڌرنامي جي حمايت حاصل آهي. هن قانوني ان??اف، مالي برابري، بااختيار بڻائڻ ۽ عورتن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ سان گڏوگڏ مختلف طريقن سان يقيني بڻائڻ جي عزم تي زور ڏنو. هن ان??اني ح??ن جي نگران وفاقي وزير خليل جارج، ان??اني حقن بابت قومي ڪميشن جي چيئرپرسن رابعه جويريا آغا جي ڪردار ک?? ساراهيندي چ??و ته پاڪستان جي ادارن قانونسازي ۽ ان??اني ح??ن جي حوال?? سان روين ۾ تبديلي جي حوال?? سان ذڪر جوڳي اڳڀرائي ڪئي آهي. هن شرڪت ڪندڙن کي ٻڌا??و ته ان??اني ح??ن جي ڪنهن به خلاف ورزي جي صورت ۾ پاڪستان جو رياستي ۽ عدالتي نظام ان??اني ح??ن جي خلاف ورزي جي ذميوارن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪري ٿو ۽ عوام به ان??اني ح??ن جي خلاف ورزي جي ڪاررواين جي حوصلا شڪني ڪري ٿي. هن چ??و ته دنيا بي پناهه ترقي ڏٺي آهي پر اها معاشي فرق کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. هن چ??و ته ڪو به مذهب طبقاتي، عقيدي ۽ رنگ جي بنياد تي فرق جي اجازت نه ٿو ڏي پر اهو اڃا تائين دنيا کي درپيش چئلينج آهي. ان??اني حقن واري نگران وفاقي وزير خليل جارج چ??و ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ هر طرح جو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو جيڪڏهن ان ۾ ڪا گهٽتائي آهي اهو پاڙيسرين جو ڏينهن ملهائڻ جي گهٽتائي آهي. هن چ??و ته پاڪستان ان??اني حقن ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۾ سموريون اقليت مذهبي عبادتون ۽ تهوار آزاد?? سان ملهائي رهيا آهن. هن چ??و ته ان??اني ح??ن جي حوال?? سان جڙانوالا جهڙن واقعن تي حڪومت نه رڳو مذمت ڪئي پر ذميوارن کي ڪٽهڙي ۾ آندو ان جي ابتڙ اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ مسيحي ٻارڙين کي اگهاڙو ڪيو ويو ۽ رياست جي سرپرستي ۾ انهن کي پوري شهر ۾ گهمايو ويو. ان??اني حقن واري وزارت جي وفاقي سيڪريٽري اي ڊي خواجه شرڪت ڪندڙن کي ٻڌا??و ته ان??اني حقن واري وزارت پاڪستان ۾ سمورن شهرين بشمول اقليتن جي ح??ن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. ان??اني ح??ن جي حوال?? سان پاڪستان قومي ۽ عالمي ذميواريون بهتر طريق?? سان سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن چ??و ته هن وقت ملڪ گير سطح تي نيشنل ڪميشن فار هيومن رائيٽس، نيشنل ڪميشن رائيٽس آف وومين، نيشنل ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومين فعال ڪردار ڪري رهيو آهي جڏهن ته نيشنل ڪميشن فار منيارٽي رائيٽس قائم ڪرڻ تي ڪم تيز?? سان جاري آهي. هن ٻڌا??و ته حڪومت ليگل اينڊ جسٽس اٿارٽي قائم ڪئي آهي جنهن جو مقصد معاشري جي غريب ۽ ڪمزور طبقن کي مفت قانوني مدد ڏيڻ آهي. يو اين ڊي پي جي ڪنٽري هيڊ سيموئيل ريسڪ چ??و ته يو اين ڊي پي ان??اني حقن واري وزارت سان گڏجي گڏيل قومن جي ان??اني حقن بابت قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي رهيو آهي. هن چ??و ته ان??اني ح??ن جو عالمي ڏينهن گڏيل قومن پاران عالمي سطح تي ان??اني وقار برقرار رکڻ ۽ ماڻهن ۾ ان??انن جي ح??ن جي حوال?? سان شعور اجاگر ڪرڻ جي لاءِ هر سال 10 ڊسمبر تي ملهايو وڃي ٿو جنهن جو مقصد ان??انن جي حقن کي رنگ ۽ نسل، مذهب ۽ زبان جي فرق کانسواءِ تسليم ڪرڻ، ان??اني ح??ن جي پائمالي جي روڪٿام، عوام ۾ ذميواري جو احساس پيدا ڪرڻ ۽ خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن کي انهن جي حقن بابت آگاهي فراهم ڪرڻ آهي. نيشنل ڪميشن فار هيومن رائيٽس پاڪستان جي چيئرپرسن رابعه آغا چ??و ته محدود وسيلن جي باوجود ڪميشن 3400 شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي ۽ عورتن بابت ايشوز تي 12 رپورٽون جاري ڪيون آهن. هن چ??و ته عورتن جي ح??ن جي لاءِ حڪومت، لاڳاپيل ادارن، اين جي اوز سميت سمورين لاڳاپيل ڌرين جي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. تقريب دوران ان??اني حقن واري وزارت پاران ملڪ ۾ ان??اني ح??ن جي لاءِ کنيل قدمن، قانونسازي ۾ مدد سميت ٻين قدمن بابت دستاويزي فلم ڏيکاري وئي. تقريب جي شروعات تي ڊائريڪٽوريٽ آف اسپيشل ايجوڪيشن جي خصوصي ٻارن قومي ترانو پيش ڪيو. تقريب ۾ پي اين سي اي جي جوانن بلهي شاهه جي ڪلام تي پرفارمنس پڻ پيش ڪئي.