اسلام آباد -01 نومبر (اي پي پي) پارليامينٽ جي مٿئين ايوان سينيٽ فلسطين جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ اسرائيل جي جارحيت ۽ بربريت خلاف ??ذم??ي ٺهراءَ جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني آهي. سينيٽ اجلاس ۾ قائد ايوان سينيٽر اسحاق ڊار ٺهراءَ پيش ڪيو. ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي، ته سينيٽ آف پاڪستان غزه ۾ فلسطين جي عوام جي نسل ڪشي جي معاملي تي پنهنجي هنگامي اجلاس م انسانيت خلاف اسرائيلي ڏوهن ۽ رياستي دهشتگردي جي سخت ??ذم?? ڪري ٿي. دنيا جي سڀ کان وڏي کليل جيل غزه جي والاريل پٽي ۾ ترسيل فلسطين جي معصوم ٻارن، عورتن ۽ مردن خلاف رياستي دهشتگردي جاري آهي. پاڪستا?? جو هي ايوان اعلان ڪري ٿو ته ٻي عالمي جنگ جي هولوڪاسٽ بعد ڪو به ملڪ ان قسم جي بربريت ۽ اهڙي وڏي پيماني تي قتل عام ۽ جنگي ڏوهه جو مرتڪب ناهي ٿيو. ٺهراءَ ۾ مظلوم فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ انهن جي مڪمل حمايت ۽ اسرائيل جي حمايت ڪندڙن جي ٻٽي معيا?? ۽ ??نافقت جي ??ذم?? ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته هو غزه ۾ فوري جنگ بندي جي مخالفت ڪندي ڏوهه ۾ شريڪ آهن. هي ٺهراءُ پاڪستاني عوام جي جذبن ۽ فلسطيني مسئلي تي فلسطين جي عوام جي پاڪستان طرفان مسلسل حمايت جي عزم جي ع??اسي ڪري ٿي. ٺهراءَ م چيو ويو آهي ته هي ايوان غزه ۾ فوري جنگبندي، اسرائيل پاران ناڪابندي جي خاتمي ۽ غزه جي شهرين کي دوائن،خوراڪ، پا??ي ۽ ٻين ضرورتن جي فراهمي لاءِ انساني حقن جي عالمي تنظيمن کي غزه تائين رسائي جو مطالبو ڪري ٿو. هي ايوان مسلمان امت جي مقدس ماڳن جي بي حرمتي لاءِ ڪيل سموريون اسرائيلي ڪارروائيون بند ڪرڻ، ۽ اسرائيل جي جارحيت ۽ قبضي کي ختم ڪرڻ جو به مطالبو ڪري ٿو. ايوان ٺهراءَ جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي.