اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اقليتن جي مذهبي، سماجي، سياسي ۽ معاشي ح??ن جي تحفظ جي لاءِ اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ??هي ??ه آئين سمورن شهرين جي مذهبي عقيدي يا نسل کان قطعي طور سياسي، معاشي ۽ سماجي ح??ن جي ضمانت ڏي ٿو، پاڪستان اقليتن جي ح??ن جي تحفظ ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندو رهندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ??ه ملڪي ترقي ۾اقليتن جي ڪردار جو اعتراف ڪريون ٿا ۽ انهن کي ان تي ساراهيون ٿا. صدر اقليتن جي ڏينهن تي قوم جي تعمير جي عمل ۾ اقليتن جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو ??ه اسلام اسان کي اقليتن جي ح??ن جي تحفظ ۽ سمورن ماڻهن جي وچ ۾ برابري جو درس ڏي ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??ه پاڪستان اقليتن جي ڀلائي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪيون آهن، انهن قدمن جو مقصد ملڪ جي سياسي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اقليتن جي فعال شرڪت جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي. صدر چيو ??ه پاڪستان اقليتن جي ح??ن جي تحفظ ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندو رهندو، مذهبي اسڪالرز ۽ ميڊيا کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي معاشري کي اقليتن جي حقن بابت آگاهه ڪن، ملڪ ۾ محبت، رواداري، ڀائيچاري ۽ اتحاد جي ڪلچر کي فروغ ڏين. صدر ان يقين جو اظهار ڪيو ??ه اقليتون قومي ترقي جي عمل ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪنديون رهنديون.