اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندي، ??يم جي سيڪيورٽي بابت خدشن کان آءِ سي سي ۽ ڀارتي عملدارن کي آگاهه ڪيو پيو وڃي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زه??ه بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ اس??ن جو حصو وٺڻ جو فيصلو پاڪست??ن جي مستقل موقف جي عڪاسي ڪري ٿو ته راندين کي سياست سان نه ڳنڍي سگهجي. هن چيو ته پاڪست??ن جو تعميري ۽ ذميواراڻو انداز ڀارت سان ٽڪراءُ آهي جنهن بار بار پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم کي ايشيا ڪپ جي لاءِ پاڪستان موڪلڻ يا پاڪست??ن جي بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري راندين جي سيا??ت ڪئي آهي. ترجمان اميد ظاهر ڪئي ته ڀارت جي دوري دوران پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي گهربل شائستگي، ??ڪمل حفاظت ۽ تحفظ ملندو. هن چيو ته پاڪست??ن جي ڪرڪيٽ ٽيم جي سيڪيورٽي بابت اس??ن جي گهرن خدشن کان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ۽ ڀارتي عملدارن کي آگاهه ڪيو پيو وڃي.