اسلام آباد – 28 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سندس ۽ پاڪستاني قوم جون همد??دي??ن گڏيل عرب امارات جي عو??م ۽ شاهي خاندان سان گڏ آهن. جاري بيان ۾ صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي شيخ سعيد بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر مرحوم جي مغفرت ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سندس ۽ پاڪستاني قوم جون همد??دي??ن گڏيل عرب امارات جي عو??م ۽ شاهي خاندان سان گڏ آهن.