باڪو – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آذربائيجان جي صد?? الهام عليوف سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي ۽ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، سياحت ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته صد?? الهام عليوف سان ملاقات انتهائي فائديمند رهي جنهن ۾ اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو، ا??ان پنهنجي بهترين لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ا??ان جي گ??يل عزم موجب واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، سياحت ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو. وزيراعظم چيو ته هو ۽ ان جو وفد پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام جي لاءِ آذربائيجان جي ماڻهن جي محبت کان تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن، باڪو ۾ لهرائيندڙ پاڪستاني جهنڊن جي بهار ڏسڻ وٽان هئي، عوام جي وچ ۾ گڏيل محبت ۽ احترام تي ٻڌل اهو رشتو اسان جي لاڳاپن جي مضبوطي جو عڪاس آهي. وزيراعظم چيو ته هن والاريل ڄمون ۽ ڪشم??ر جي معاملي تي پاڪستان جي مسلسل حمايت تي آذربائيجان جي صد?? جا ٿورا مڃيا ۽ ان کي ڪاراباخ جي معاملي تي پاڪستان جي ڀرپور حمايت جو يقين ڏياريو آهي. وزيراعظم چيو ته قيادت جي سطح تي گ??يل عزم اسان جي ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده دور جي گهرجن موجب نئين شڪل ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ اسان گڏجي ان کي پورو ڪنداسين.