اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي ??سپيشل اولمپڪس ٽيم کي برلن اسپيشل اولمپڪس ۾ شرڪت ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 87 ماڻهن تي ٻڌل پاڪستان جي ??سپيشل اولمپڪس ٽيم جو 11 راندين جي مقابلن ۾ حصو وٺڻ فخر جوڳو آهي، اميد ڪريان ٿو ته اسان جي ٽيم پنهنجي ڀرپور صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي. پاڪستان اسپيشل اولمپڪس ٽيم جي ن??لي پنهنجي پيغام ۾ ??در چيو ته پاڪستان اسپيشل اولمپڪس جي پوري ٽيم ۽ انتظاميا کي پڻ مبارڪباد ڏيان ٿو، خوشي آهي ته ذهني ??عذوري جو شڪار ماڻهو به راندين ۾ حصو وٺي رهيا آهن، پاڪستان جي ??سپيشل اولپمڪس ٽيم اڳ ۾ به ميڊل کٽي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. ??در چيو ته مثبت سرگرمين ۾ خصوصي ماڻهن جي ??موليت وڌائڻ جي ??رورت آهي، ان مقصد جي لاءِ انهن کي صحت، تعليم، روزگار ۽ راندين ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪرڻ جو موقعو ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ هڪ ٺوس ۽ شموليت تي ٻڌل معاشرو جوڙڻ جا خواهشمند آهيون، خصوصي ٻارن کي عام ٻارن سان گڏ اسڪولن ۾ تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ هنر ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي ??رورت آهي.