اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اميد ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ ا??ٿو??يا جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏام شروع ٿيڻ سان پاڪستاني واپارين کي آفريقي ملڪن ۾ نئين منڊين تائين پهچ جي لاءِ آساني ٿيندي. پرڏيهي آفيس موجب اهڙن خيالن ج?? اظهار هن ا??ٿو??يا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير مسگانو اريگا سان ڳالهائيندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آفريقي واپارين جي لاءِ پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ا??ٿو??يا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير مسگانو اريگا جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي. پرڏيهي وزير ا??ٿو??يا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير سان ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گ??ريل رات ڪراچي ۾ پنهنجي ا??ٿو??ين هم منصب سان گڏ ا??ٿو??ين ايئرلائينز جي پاڪستان جي لاءِ سڌوسنئون فلائيٽ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ا??ٿو??يا جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏام شروع ٿيڻ سان پاڪستاني واپارين کي آفريقي ملڪن ۾ نئين منڊين تائين پهچ جي لاءِ آساني ٿيندي. هن چيو ته آفريقي واپارين جي لاءِ پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ ا??ٿو??يا جو سفارتخانو قائم ڪرڻ جي به آجيان ڪئي. هن چيو ته سندس ناني ذوالفقار علي ڀٽو ا??ٿو??يا ۾ پاڪستان جو سفارتخانو کوليو هو.