ڪوئيٽا – 31 – مئي (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي ڪوئيٽا ۾ ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر، فزيو ٿراپي انسٽيٽيوٽ ۽ دارالامان جو دورو ڪيو. ان موقعي تي سوشل ويلفيئر سيڪريٽري عمران خان انهن ادارن جي ڪارڪردگي، معذورن جي ڀلائي ۽ خصوصي ماڻهن کي مع??شر?? ۾ باعزت روزگار ف??اه?? ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن بابت ٻڌايو. ثمينه عارف علوي ووڪيشنل سينٽر ۾ ڪمپيوٽر، موبائيل ريپئرنگ، فوٽوگرافي، فزيوٿراپي جي تربيت ۽ دارالامان ۾ حڪومت پاران انهن کي باعزت روزگار ف??اه?? ڪرڻ جي قدمن کي سا??اه??و. هن چيو ته بلوچستان صوبي جي معذور ماڻهن ۽ يتيمن ۽ بيواهن کي مع??شر?? جو ڪارا??تو شهري بڻائڻ جي لاءِ سمورا ممڪن وسيلا ۽ سهولتون ف??اه?? ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سوشل ويلفيئر کاتو اهڙي طرح معذور ۽ لاچ??ر ماڻهن جي ڀلائي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. ان موقعي تي خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي خصوصي ماڻهن ۽ بيواهن سان ملي ۽ انهن جا مسئلا معلوم ڪيا.