اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان مضبوط اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جا لاڳاپا قائم ڪري بيلاروس سان اعليٰ سطحي رابطن ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيلاروس جي پرڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته هن بيلاروس جي هم منصب سان نتياخيز ۽ تعميري ملاقات ڪئي ۽ ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي سمورن شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته پاڪ – بيلاروس لاڳاپن جي لاءِ اسان جي ڊگ??ي مدي واري هدفن ۾ اقتصادي لاڳاپن جي مضبوطي، واپار ۽ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ، سائنسي تعاون کي فروغ ڏيڻ، دفاعي تعاون کي وڌائڻ ۽ ثقافتي ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي گهرو ڪرڻ شامل آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ٻن??ي ملڪن گڏيل طور تي ??ائديمند لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪي ٻن??ي ملڪن جي عوام جي خوشحالي ۽ ڀلائي ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن. هن چيو ته ملاقات ۾ ٻن??ي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ سٺن لاڳاپن کي ٺوس تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو. هن دوري جو هڪ اهم نتيجو ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ رکندڙن جي ويزائن جي خاتمي جي معاهدي تي صحيحون ڪرڻ هو جنهن سان اعليٰ سطح جي دورن کي هٿي ملندي. هن چيو ته اسلام آباد اسٽريٽجڪ انسٽيٽيوٽ ۽ بيلاروس انسٽيٽيوٽ جي وچ ۾ معاهدو تعليمي تعاون جو مضبوط بنياد رکندو. پرڏيهي وزير چيو ته هو ڇهين وزارتي اجلاس دوران ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ اڳتي ??ڌائيندا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سال 2024ع ۾ ٻئي ملڪ پنهنجي سفارتي ??اڳاپن جي قيام جي 30 هين سالگرهه ملهائيندا. پرڏيهي وزير ٻطرفن لاڳاپن جي بنياد کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ گڏيل فائديمند دوستي کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پ??هنجي اعتماد جو اظهار ڪيو. بيلاروس جي پرڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ دوري جي دعوت تي ??رڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جا ٿورا مڃيندي چيو ته هن انتهائي تعميري ۽ بي تڪلف انداز ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڌرين ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. جاگرافيائي ۽ عالمي تبديلين جي باوجود ٻن??ي ملڪن جي اها خواهش آهي ته اهي گڏيل طور تي ??ائديمند لاڳاپا قائم ڪن. هن چيو ته هو پاڪستان ۾ گاڏيون ۽ ٽريڪٽر ٺاهڻ جي فيڪٽري لڳائي وڌيڪ سيڙپڪاري تي غور ڪري رهيا آهن. بيلاروس جي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۽ مسلمان دنيا ۾ هڪ اعتماد جوڳو حصيدار آهي، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ بيلاروس جي حڪومت جي مستقل پاليسي رهي آهي. هن چيو ته ان خواهش کي ٻن??ي ملڪن جي قيادت وڌيڪ وڌايو آهي. هن معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي ??نهنجو اميج وڌائڻ تي ??اڪستان حڪومت کي پڻ ساراهيو. بيلاروس جي پرڏيهي وزير چيو ته بيلاروس مختلف دٻاءُ جي باوجود پنهنجي خودمختياري ۽ پرڏيهي پاليسي جي آزادي جو دفاع ڪري رهيو آهي ۽ خودمختيار رياستن جي اندروني معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت جو مخالف آهي. هن عالمي فورم تي بيلاروس جي حمايت تي ??اڪستان جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته هن تعاون جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ عالمي مسئلن تي ??ظرين جي اتحاد تي اطمينان جو اظهار ڪيو. بيلاروسي پرڏيهي وزير چيو ته ڳالهه ٻولهه دوران واپاري ۽ اقتصادي تعاون تي ??ڌيڪ ڌيان ڏنو ويو.