اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان اقتدار ۾ رهي ۽ اقتدار کان ٻاهر پنهنجي اعمالن ۽ حرڪتن سان سدائين ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻيو آهي، هن سعودي عرب جي ڏنل گهڙيءَ وڪرو ڪئي، سائفر جو ڪوڙ ڳالهايو، قومي ادارن ۽ شهيدن جي يادگارن تي حملا ڪرايا ۽ ملڪ جي بدنامي جو مرتڪب ٿيو، 9 مئ?? جي سانح?? جي ڏوهه جي مذمت ڪافي نه آهي، عمران خان ڏوهه جو اعتراف ڪري ۽ ذميواري ??بول ڪري، مذمت سان 9 مئي جو ڏوهه لڪي نٿو سگهي ۽ نه ئي ڏوهاري. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته عمران خان تسليم ڪري ته 9 مئ?? جي کليل دهشتگردي ۽ شهيدن جي يادگارن جي بي حرمت?? جي پٺيان توهان ماسٽر ما??نڊ هئا ۽ توهان منصوبابندي ڪئي، اسپتالون، ??سڪول، مسجدون، ??يمبولينس ۽ ڪور ڪمانڊر جو گهر ساڙڻ جي منصوبابندي توهان ڪئي. وفاقي وزير چيو ته عمران خان مذمت نه ڪري، دهشتگرد?? جي مرڪز زمان پارڪ ۾ لڪل دهشتگرد قانون جي حوالي ڪري. هن چيو ته پوليس تي پيٽرول بم، گوليون ۽ پٿر اڇلائيندڙ رڳو مذمت ڪري جان نه ٿا ڇڏرائي سگهن. رياست تي حملو ڪندڙ?? کي سزا ڏيڻ دنيا ۾ ڪنهن انساني حق جي خلاف ورزي نه آهي. هن جو چوڻ هو ته اسپتالن، ??سڪولن ۽ مريضن تي حملو ڪري ايمبولينسون ساڙڻ انساني حقن جون خلاف ورزيون آهن، ??نهن ڪاررواين ۾ ملوث وحشي?? کي سزا ڏيڻ انساني حقن جي خلاف ورزي نه آهي. مريم اورنگزيب چيو ته فاشسٽ جي هٿان نُنهن، ڌيئرن ۽ پٽ?? کي ڪوڙن ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ انساني حقن جي خلاف ورزي هئي، طيبه گل کي اغوا ڪري ??زيراعظم هائوس ۾ رکڻ انساني حقن جي خلاف ورزي هئي، صحافي?? کي سچ ڳالهائڻ تي قيد ڪرڻ، گوليون هڻڻ، اغوا ڪرڻ ۽ انهن جون پاسراٽيون ۽ نڪ جون هڏيون ٽوڙڻ انساني حق جي خلاف ورزي هئي، هزاره برادر?? جي مظلوم شهيدن جي پونئير?? کي ”جنازن سان بليڪ ميل نه ٿيندس“ چوڻ انساني حقن جي خلاف ورزي هئي.