اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف استاد، ڊراما نگار، مزاح نگار، دانشور، شاعر ۽ فيض احمد فيض جي ناٺيءَ شعيب هاشمي جي لا??اڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم منيزه هاشمي، سليمه هاشمي ۽ ٻين گهرڀاتين سان شعيب هاشمي جي لا??اڻي تي همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته شعيب هاشمي پي ٽي وي جي سنهري دور ۾ ڪردار ادا ??يو. هن طنز ۽ مزاح جي پروگرام ۾ نئين جدت متعارف ڪرائي. شعيب هاشمي يادگار ۽ ناقابل فراموش ڊراما لکيا. وزيراعظم چيو ته ان جي قلم سان روشن قدرن، روايتن ۽ نظرين کي فروغ مليو. هن جهڙو قلم نگار ۽ دانشور معاشري کي تهذيب، سليقو ۽ ادب سيکاريو. ان جو لا??اڻو معاشري، فن ۽ ادب جو وڏو نقصان آهي. وزيراعظم الله تعاليٰ کا?? مرحوم جي درجن جي بل??دي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.