اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي نيشنل يونيورسٽي آف پاڪستان بل 2023ع جي توثيق ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب بل جو مقصد اسلام آباد ۾ نيشنل يونيورسٽي آف پاڪستان جو قيام عمل ۾ آڻڻ آهي. صدر پير روشان انسٽيٽيوٽ آف پراگريسو سائنسز اي??ڊ ٽيڪنالاجيز ميران شاهه بل 2023ع جي پڻ توثيق ڪري ڇڏي آهي. بل جو مقصد ميران شاهه خيبرپختونخواهه ۾ پير روشان انسٽيٽيوٽ جو قيام آهي. صدر ??اڪ??ر عارف علوي بلز جي توثيق آئين جي آرٽيڪلز 70 ۽ 75 تحت ڪئي آهي.