اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچ??تا?? جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت بلوچ??تا?? جي باصلاحيت افرادي قوت جي ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچ??تا?? عوامي پارٽي ۽ بلوچ??تا?? نيشنل پارٽي جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بلوچ??تا?? ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ پاڪ ايران واپار جي فروغ جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفد ۾ دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير سردار اسرار ترين، مملڪتي وزير هاشم نوتيزئي، قومي اسيمبلي ميمبر خالد حسين مگسي، زبيده جلال، احسان الله ريڪي، روبينه عرفان ۽ پروفيسر ڊاڪٽر شهناز بلوچ شامل هئا.