اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته اسان سدائين ملڪ کي مشڪل حالتن ??ان ڪڍيو، اهڙو وقت ايندو جو حالتون بدلجي ??ين??يون، اهو منهنجو اي??ان آهي، آءِ ايم ايف جي آخري شرط تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي، عمران خان پاڪستان کي معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو، دوست ملڪن جي خلاف اڳوڻي حڪمرانن بدزباني ڪئي، گذريل حڪومت جي آءِ ايم ايف پروگرام جي ڪري مهانگائي جي لهر اچي رهي آهي. مسلم ليگ (ن) جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. وزيراعظم ??يو ته اسان سدائين ملڪ کي مشڪل حالتن ??ان ڪڍيو، حالتون ڳنڀير آهن پر اسان جي نيت صاف آهي، انشاءَ الله حالتون بهتر ٿينديون، منهنجو اي??ان آهي ته اهڙو وقت ايندو جو حالتون بدلجي ??ين??يون. هن ??يو ته آءِ ايم ايف وفاقي حڪومت جا هٿ پير ٻڌي ڇڏيا آهن، آءِ ايم ايف جون اڳواٽ شرطون مڃي ورتيون آهن، گذريل حڪومت جي آءِ ايم ايف پروگرام جي ڪري مهانگائي جي لهر اچي رهي آهي، آءِ ايم ايف جي آخري شرط تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي. هن ??يو ته 10 ڪروڙ غريب خاندانن کي مفت اٽو فراهم ڪرڻ جي شروعات ڪئي، پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ اسلام آباد ۾ غريبن کي رمضان ۾ مفت اٽو فراهم ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم ??يو ته ڀائر ملڪ پاڪستان جي وڏي مدد ڪري رهيا آهن، وزيراعظم محمد نواز شريف جي قيادت ۾ 2014ع کان 2018ع تائين پاڪستان ترقي جي رستي تي گامزن هو. هن ??يو ته ملڪ کي ٻوڏ جي تباهي آڻيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو، 100 ارب رپيا رڳو وفاق کان ٻوڏ متاثرين کي ڏنا ويا آهن. هن ??يو ته عمران خان پاڪستان کي معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو، دوست ملڪن جي خلاف اڳوڻي حڪمرانن بدزباني ڪئي، چين جي منصوبن تي سنگين الزام هنيا ويا، عمران خان ۽ حوارين ??يو ته چين جي منصوبن ۾ 45 سيڪڙو ڪرپشن ٿي، چين 30 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي ۽ انهي مددگار دوست تي ڪڌا الزام هنيا ويا. هن ??يو ته اسرائيل سان واپار شروع ڪرڻ جو ڪوڙ ڦهلايو پيو وڃي جيڪو ??ذمت جوڳو آهي، هڪ انفرادي شخص جو پاڪستان حڪومت جي پاليسي سان ڪهڙو تعلق؟ فلسطينين کي حق ملڻ تائين پاڪستان پنهنجي اصولي موقف تي قائم رهندو. هن ??يو ته عمران خان پاڪستان کي مشڪلاتن ۾ مبتلا ڪيو، پاڪستان جي ساک کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو، عمران خان سخت ترين شرطن تي آءِ ايم ايف پروگرام تي صحيحون ڪيون، پوءِ پاڻ خلاف ورزي ڪري ان پروگرام کي معطل ڪري ڇڏيو، عمران خان آءِ ايم ايف پروگرام ناڪام بڻائڻ جي سازش ڪئي، عمران خان جا وزير سڳ سوڌو سازش ڪندي پڪڙيا ويا، عمران خان دور ۾ ججن کي ڌمڪيون مليون، ريفرنس داخل ٿيا. وزيراعظم پارٽي ميمبرن جي عزم ۽ همت ۽ وفاداري کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ ??يو ته رياست بچائڻ جي لاءِ سياست قربان ڪري ڇڏي، پاڪستان بچي ويو ته سڀ خير آهي، پاڪستان کي نقصان پهچي ته اسان سڀ نقصان ۾ آهيون، انشاءَ الله وقت بدلجندو، نواز شريف جي قيادت ۾ مسلم ليگ (ن) ملڪ کي مسئلن ??ان ڪڍندي. هن ??يو ته معاشي بهتري جي لاءِ سياسي استحڪام لازمي آهي، سياسي عدم استحڪام پيدا ڪندڙن کي عدالت کان ڏينهن رات ريليف ملي رهيو آهي، اسان جي قيادت ۽ ميمبرن سان رويو ڪجهه ٻيو هو. هن ??يو ته عمران خان جي گهرواريءَ عوامي نمائنده ۽ سرڪاري عهديدار نه هئي ته مريم نواز شريف وٽ ڪهڙو عهدو هو؟ اهو ترازو جي پلڙن جو فرق آهي. هن ??يو ته پاڪستان اڄ حقيقت ۾ تاريخ جي نازڪ ترين موڙ ??ان گذري رهيو آهي، سڀني کي گڏجي فسطائيت جو مقابلو ڪرڻو پوندو، توهان جون قربانيون رائيگان نه ??ين??يون، دعا آهي ته منهنجي زندگي ۾ ملڪ معاشي تنگدستي ??ان نڪري اچي يا گهٽ ۾ گهٽ ان ۾ و??ي حد تائين بهتري اچي وڃي. وزيراعظم شهباز شريف پارٽي جي ميمبرن ۽ اڳواڻن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي ??يو ته توهان مشڪل ترين حالتن ۾ قائد محمد نواز شريف ۽ پارٽي جو ڄمي ساٿ ڏنو، توهان مشڪل ترين حالتن ۾ جبل بڻجي پارٽي ۽ قيادت سان گڏ بيٺل رهيا، توهان تي فخر آهي. قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي بريفنگ ڏني.