اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڀارت پاران 9 مارچ 2022ع تي براهموس سپر سونڪ ميزائيل جي پاڪستاني سرزمين تي غيرذميوا??اڻ?? فائرنگ تي پنهنجي ڳڻتي کي ورجائيندي ان غيرذميوا??اڻ?? واقعي جي گڏيل جاچ جي پنهنجي مطالبي کي به ورجايو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب هڪ سال اڳ 9 مارچ 2022ع تي ڀارت جي سورت ڳڙهه مان پاڪستاني حدن ۾ سپر سونڪ ميزائيل براهموس فائر ڪيو ويو هو. ان سان انسان?? جانين ۽ ملڪيتن کانسواءِ علائقائي ۽ عالمي امن، سلامتي ۽ استحڪام کي پڻ شديد خطرو لاحق ٿيو. ترجمان چيو ته پاڪستان ان نازڪ صورتحال ۾ مثالي تحمل جو مظاهرو ڪيو جيڪو اسان جي نظام جي پختگي ۽ هڪ ذميوار ائٽمي رياست جي طور تي امن جي لاءِ پڪي عزم جو ثبوت آهي. ڀارت جي غيرذميوا??اڻ?? عمل عالمي قانون، گڏيل قومن جي چارٽر، عالمي سطح تي غلط قدمن جي لاءِ رياستن جي ذميواري با??ت شقن، شهري هوابازي جي قانونن ۽ حفاظتي پروٽوڪول جي خلاف ورزي آهي. ان پنهنجي اسٽريٽجڪ هٿيارن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ڀارتي نظام ۾ موجود ڪيترن ئي نقصن ۽ فني خامين کي بي نقاب ڪيو آهي. ترجمان چيو ته هڪ سال گذري وڃڻ جي باوجود ڀارتي حڪومت ان سنگين واقعي با??ت حقيقتن جو صحيح طريقي سان تعين ڪرڻ جي لاءِ گڏيل جاچ جي پاڪستان جي مطالبي کي تسليم نه ڪيو. ڀارت پنهنجي اندرون?? جاچ جا نتيجا به پاڪستان سان شيئر نه ڪيا آهن. ان جي نام نهاد داخل?? جاچ جي هڪطرفي ۽ جلدبازي ۾ بندش ڀ??رت جي اسٽريٽجڪ هٿيارن جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم تي سنگين سوال اٿاري ڇڏيا آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان ان غيرذميوا??اڻ?? واقعي جي گڏيل جاچ جي پنهنجي مطالبي کي ورجائي ٿو. اسان سيڪيورٽي پروٽوڪول ۽ جوهري ماحول ۾ ميزائيلن جي حادثاتي يا غيرمجاز لانچ جي خلاف ٽيڪنيڪي خدشن جي حوالي سان ڪيترن ئي بنيادي سوالن جي اطمينان جوڳن جوابن ۽ وضاحت جي پڻ اميد ڪريون ٿا.