اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سائبر ونگ جي ڊائريڪ??ر جنرل محمد عاصم قومي خابرو ادا??ي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ڪارپوريشن (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪ??ر جي حيثيت سان اضافي ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. اي پي پي جي هيڊ آفيس اچڻ تي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عدنان اڪرم باجوه، ڊائريڪٽرن ۽ اداري جي ملازمن سندس شاندار آجيان ڪئي. محمد عاصم (بي ايس 20) انفارميشن گروپ جي 26 هين ڪامن ٽريننگ پروگرام جو آفيسر آهي. 21 سالن تي ٻڌل سندس پيشيواراڻو ڪيريئر وسيع تجربو رکندڙ آهي. هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ، سائبر ونگ، وزيراعظم هائوس، آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن، پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽ??ي اٿارٽي ۽ ڪيپ??ٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هو ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪ??ر جنرل جي حيثيت سان پڻ فرض سرانجام ڏئي چڪو آهي.