اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي س??ڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان هيگ ۾ او پي س?? ڊبليو جي هيڊڪوارٽر ۾ ڪيميائي هٿيارن جي خاتمي بابت تنظيم جي ڊائريڪٽر جنرل سفير فر??ينڊو ايرياس سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين پاڪستان ۽ او پي س?? ڊبليو جي وچ ۾ ج??ري تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. او پي س?? ڊبليو جي ڊائريڪٽر جنرل فر??ينڊو ايرياس ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي ميمبر طور ڪردار ۽ صلاحيت سازي جي مختلف پروگرامن ۾ پاڪستان جي تعاون کي ساراهيو. پاڪستان پنهنجي صلاحيت سازي جي پروگرام ۽ سڄي دنيا مان شرڪت ڪندڙن جي لاءِ عالمي تربيتي ڪورسز جي ذريعي پاڪستان او پي س?? ڊبليو جي ڪم ۽ ڪيميائي هٿيارن جي ڪنوينشن کي لاڳو ڪرڻ ۾ فعال طور تي تعاون ڪري رهيو آهي. پرڏيهي س??ڪريٽري او پي س?? ڊبليو پاران ڪيل ڪم کي ساراهيو ۽ ڪيميائي هٿيارن جي ڪنوينشن تي مڪمل عملدرآمد جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجايو. هن چيو ته پاڪستان ڪيم ٽيڪ سينٽر جي جلد آپريشنل ٿيڻ جو منتظر آهي.