اسلام آباد– 30 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پشاور ۾ مسجد ۾ خو??ڪش ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته عبادت دوران مسلمانن تي خو??ڪش حملو ڪندڙ اسلام، انسانيت ۽ پاڪستان جا دشمن آهن، اهڙيون دهشتگرد ڪارروايون قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن، سموري پاڪستاني قوم دهشتگردي خلاف پرعزم آ??ي. ??يوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر مسجد ۾ خو??ڪش حملي جي نتيجي ۾ نمازين جي شهادت تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته سڄي پاڪستاني قوم دهشتگردن جي مڪمل ۽ حتمي خا??مي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آ??ي. ??هشتگردي جي پاڙ کان خا??مي لاءِ گڏيل ۽ ڏورس قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته دهشتگردن جو نظرياتي بنياد ختم ڪرڻ جي لاءِ سڀني مڪتبه فڪر کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، اسلام شهرين جي بي رحماڻي قتل ۽ خو??ڪش حملن جي اجازت بلڪل نه ٿو ڏي، اهڙيون دهشتگرد ڪارروايون اسلامي تعليم جي ابتڙ آهن. هن خو??ڪش حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي، حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.