اسلام آباد– 25 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف گذريل ڏينهن پي ايم يوٿ بزنس اينڊ ايگريڪلچر لون اسڪيم جي شروعات ڪئي. اها نئين اسڪيم نوجوانن جي ترقي بابت پروگرامن تي ٻڌل آهي، عورتن، ٽرانسجينڊر ۽ خصوصي ماڻهن کي ان اسڪيم مان فائدو کڻي قومي ترقي ۾ حصو وٺڻ گهرجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پي پي اي ايف قرضن کان وٺي ليپ ٽ??پ اسڪيم کان وٺي خودڪار روزگار اسڪ??م تائين مسلم ليگ (ن) مي??ن نواز ش??يف جي قيادت ۾ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ پنهنجي وابستگي جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته موجوده قرض اسڪ??م تحت نوجوان آسان شرطن ۽ ضابطن تي 75 لک تائين جو قرض وٺڻ لاءِ درخواستون ڏئي سگهن ٿا. 5 لک رپين تائين قرض تي ڪو به وياج نه آهي. هن چيو ته آئون عورتن، ٽرانسجينڊر ۽ خصوصي ماڻهن کي درخواستون ڏيڻ ۽ قومي ترقي ۾ حصو وٺڻ جي ڀرپور حوصلا افزائي ڪريان ٿو.